Dhingano Bozdar Volleyball Club

Dhingano Bozdar Volleyball Club just for fun.

Tri-series.Aaaj teen (3) teams ki ek behtreeen hudri volleyball ki series kheli gayi. Ye series Kamran Ali Murad Bozdar ...
21/11/2025

Tri-series.

Aaaj teen (3) teams ki ek behtreeen hudri volleyball ki series kheli gayi. Ye series Kamran Ali Murad Bozdar ki otaaq dhingano bozdar mein kheli gayi, ismein 3 teams thi. Iska final match ASIF ANWAR 🆚 SAIN NADEEM SHAH ke darmiyaan khela gaya, behtreen match huwa aur is series ka final ASIF ANWAR ki team ne jeet liya.

Is series mein ye 3 teams thi.

ASIF ANWAR CLUB.
SAIN NADEEM SHAH CLUB.
ASHFAQUE BOZDAR CLUB.

جیت لینگے پھر کبھی, پھر کہیں.  انشاءاللہ. هڪ بهترين ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ گلاب لغاري ۾ ڪالھ بروز سومر 09/06/2025 تي ...
10/06/2025

جیت لینگے پھر کبھی, پھر کہیں. انشاءاللہ.

هڪ بهترين ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ گلاب لغاري ۾ ڪالھ بروز سومر 09/06/2025 تي ٿي گذريو.
هن بهترين ٽورنامينٽ ۾ اٺ ٽيمن حصو ورتو.
هن ٽورنامينٽ ۾ ڪاشف انور لغاري ڪلب جي ٽيم حصو ورتو ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
ڪاشف انور لغاري ڪلب بهترين مقابلا ڪيا ۽ فائنل ۾ پهچي وئي. جنهن کانپوءِ هڪ بهترين فائنل ميچ ٿيو پر ڪاشف انور لغاري ڪلب فائنل ميچ هارائي وئي. 👍🏻🏆

ڪاشف انور لغاري ڪلب جي طرفان سڀني گلاب لغاري جي ڀائرن، آصف لغاري ،فراز لغاري ،ادا پرويز لغاري، فيصل لغاري ، چاچا چاڪر، ياصر لغاري ،حميد لغاري ، سائين باقر، ماجد لغاري ،منظر لغاري ۽ ٻين دوستن کي مبارڪون هجن. توهان سڀني دوستن هڪ بهترين يادگار ٽورنامينٽ ڪرايو. ❤️

انشاءﷲ ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ڪلب جي هي ٽيم سڀاڻي گلاب لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ جو حصو هوندي.سڀ دوست پنه...
08/06/2025

انشاءﷲ ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ڪلب جي هي ٽيم سڀاڻي گلاب لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ جو حصو هوندي.

سڀ دوست پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪن. مهرباني.

انشاءﷲ ميچ هن پيج تي لائيو هلايو ويندو.

ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ گلاب لغاري.هي ٽورنامينٽ شهيد زاهد لغاري جي ياد ۾ لڳايو پيو وڃي.  انشاءﷲ سڀاڻي بروز سومر جي شام...
08/06/2025

ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ گلاب لغاري.

هي ٽورنامينٽ شهيد زاهد لغاري جي ياد ۾ لڳايو پيو وڃي.

انشاءﷲ سڀاڻي بروز سومر جي شام 07:00 بجي گلاب لغاري ۾ هڪ بهترين ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ ٿيندو.
هن ٽورنامينٽ ۾ ٽوٽل اٺ ٽيمون رهنديون. جن جا بهترين مقابلا ٿيندا.
سڀني ڀائرن، دوستن ۽ راند جي شوقينن کي دعوت آهي ته ٽورنامينٽ ۾ اچي ڪري پنهنجي پسند جي ٽيم کي سپورٽ ڪن.

سڀني دوستن کي گذارش آهي ته پوسٽ کي شيئر ڪريو.

ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ ٿي گذريو.🤍تمام معزز مھمانن پيارن دوستن ۽ ڳوٺ جي آيل سڀني ڀائرن جا قرب جن ...
24/04/2025

ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ ٿي گذريو.🤍

تمام معزز مھمانن پيارن دوستن ۽ ڳوٺ جي آيل سڀني ڀائرن جا قرب جن پنهنجو قيمتي وقت ڏنو اسان جي ٽورنامينٽ ۾ اچي ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
گرائونڊ ۾ آيل سڀني ٽورنامينٽ ڏسندڙ معزز مهمانن ڀائرن ۽ دوستن جون ڪجهه يادگار تصويرون.

ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ.💖🏆اسان جي پياري ڀاءُ گل حسن بوزدار جي طرفان ٽورنامينٽ جي چيف گيسٽ ماما رئ...
24/04/2025

ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ.💖🏆

اسان جي پياري ڀاءُ گل حسن بوزدار جي طرفان ٽورنامينٽ جي چيف گيسٽ ماما رئيس لائق خان لغاري ، ٽورنامينٽ آرگنائيزر سهيل احمد لغاري ۽ استاد جميل خانزادو کي سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ لونگي جو تحفو پيش ڪيو ويو. ٽورنامينٽ آرگنائيزرس جي ٽيم جي طرفان آيل معزز مهمانن پيارن دوستن ۽ سڀني ٽيم جي ڪپتانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو.

ماڻهون آيا مور، ميلو مچيو زور.❤️ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ.💙ضلعي ٽنڊي الهيار شهر جي ڳوٺ ڌڱاڻي بوزدار جمعي...
21/04/2025

ماڻهون آيا مور، ميلو مچيو زور.❤️

ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ.💙

ضلعي ٽنڊي الهيار شهر جي ڳوٺ ڌڱاڻي بوزدار جمعي جي ڏينهن 18 اپريل تي هڪ شاندار، ڪامياب ۽ يادگار ٽورنامينٽ ٿي گذريو.✨

جيئن ته اڳئين سال جيان هن سال به ڌڱاڻي بوزدار ۾ رانديگرن لاءِ ڪاشف انور ڪلب پاران هڪ شاندار ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ لڳائي وئي. جنهن جا سڀ بهترين ميچ ٿيا. هن ۾ ٽوٽل ٻارهن ٽيمن حصو ورتو جنهن ۾ آل سنڌ جا رانديگر به کيڏيا. هي ٽورنامينٽ ڪاشف انور ڪلب بنا ڪنهن انٽري فيس جي لڳايو.
جنهن کان بعد ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ جو وڏو فائنل ميچ ٽنڊو قيصر بمقابلا ٽنڊو ڄام جي وچ ۾ ٿيو. يقينن بهترين عاليشان فائنل ميچ ٿيو. وڏي مقابلي بعد ٽنڊو قيصر هڪ بهترين ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اسان جي ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ جي پياري مهمان خاص ماما رئيس لائق خان لغاري، ڀاءُ گل حسن بوزدار، رئيس سهيل لغاري، رئيس آصف لغاري، رئيس ارسلان لغاري ۽ رئيس صدام لغاري ٽورنامينٽ جي ونر ٽيم جي فهيم نظاماڻي کي ٽرافي ۽ڪيش پرائيز ڏنو. 🏆
ونر ٽيم کي وڏيري محمد علي ناهيون جي طرفان ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ کٽڻ تي پنج هزار رپيا ڪيش پرائيز ڏنو ويو. ۽
ونر ٽيم کي استاد جميل خانزادو جي طرفان ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ کٽڻ تي ٽي هزار رپيا ڪيش پرائيز ڏنو ويو
رئيس سهيل لغاري ۽ رئيس ارسلان لغاري ٽورنامينٽ جي رنر ٽيم ٽنڊو ڄام ڪلب جي ڪپتان پرويز سولنگي کي ٽرافي ۽ ڪيش پرائيز ڏنو. 🏆
رنر ٽيم کي وڏيري محمد علي ناهيون جي طرفان ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ ۾ فائنل پهچڻ تي ٻہ هزار رپيا ڪيش پرائيز ڏنو ويو. ۽
رنر ٽيم کي استاد جميل خانزادو جي طرفان ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ ۾ فائنل پهچڻ تي ٻہ هزار رپيا ڪيش پرائيز ڏنو ويو.

ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي بال ٽورنامينٽ جي پوري ٽورنامينٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي رئيس سهيل لغاري پاران حافظ رياض نظاماڻي کي پليئر آف دي ٽورنامينٽ کڻڻ جي عزاز ۾ ٽرافي ۽ ڪيش پرائيز ڏنو ويو. 🏆
ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڀاء گل حسن بوزدار جي طرفان نظير نظاماڻي کي پليئر آف دي ميچ کڻڻ تي ٽرافي ۽ڪيش پرائيز ڏنو ويو. 🏆

ڪاشف انور لغاري ڪلب سڀني آيل معزز پيارن مهمانن، دوستن، ڀائرن، مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍيو ۽ اچي ڪري اسان جي ٽين ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ کي ڪامياب ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. مهرباني ❤️

پوسٽ کي شيئر ڪريو. 💙

19/04/2025

اڄ رات جي ڪاشف انور لغاري پاران منعقد ڪيل شاندار ٽورنامينٽ جي ھڪ جهلڪ .

خوشخبري. ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ.اسلام عليڪم دوستو جيئن ته سڀني دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته ڪاشف ان...
18/04/2025

خوشخبري.

ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ.

اسلام عليڪم دوستو جيئن ته سڀني دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ اڄ شام جو 07:00 ست بجي آهي. ساڳين شيڊيول سان ميچ ٿيندا.

سڀني ٽيمن کي گذارش آهي ته ٽائيم جي پابندي ڪندا.

ڳوٺ جي سڀني دوستن، معزز ڀائرن، راند جي شوقينن کي دعوت آهي ته اچن ۽ پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪن. ٽورنامينٽ مان لطف اندوز ٿين.

سڀ دوست ڪمينٽس ڪيو، پوسٽ کي شيئر ڪريو. 💙

ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ.هن بهترين ٽورنامينٽ جو ميچ شيڊيول.سڀني ٽيم جي ڪپتانن کي گذارش آهي ته ٽائي...
18/04/2025

ٽيون ڪاشف انور لغاري ھُدڙِي والي بال ٽورنامينٽ.

هن بهترين ٽورنامينٽ جو ميچ شيڊيول.

سڀني ٽيم جي ڪپتانن کي گذارش آهي ته ٽائيم جي پابندي ڪري ٽائيم سان گرائونڊ تي پهچن ته جيئن ٽورنامينٽ سٺي نموني سان ٿئي.

سڀني دوستن جي مهرباني جيڪي هن ٽورنامينٽ کي پنهنجو ٽورنامينٽ سمجهي ڪري ڪامياب ڪرائين پيا.

سڀ دوست ڪمينٽس ڪيو، پوسٽ کي شيئر ڪريو. 💙

Address

Tando Allahyar

Telephone

+923007021747

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dhingano Bozdar Volleyball Club posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category