01/06/2026
ٽيم Malhi Mavericks - Samaro Road طرفان دل جي گهراين سان Sanju Malhi ۽ MPL سيزن 3 مئنيجمينٽ جو شڪريو ادا ڪيو وڃي ٿو، جن عمرڪوٽ ۾ مالهي ڪميونٽي لاءِ هڪ شاندار ۽ يادگار ڪرڪيٽ ايونٽ ڪاميابي سان منعقد ڪيو.
هي ٽورنامينٽ صرف هڪ راند نه هئي، پر اتحاد، جوش ۽ ڪميونٽي جي ترقي جو هڪ زبردست مثال بڻجي سامهون آيو. ڪيترين ئي مشڪلاتن، رڪاوٽن ۽ مخالفتن جي باوجود، هن ايونٽ کي ڪاميابي تائين پهچائڻ ۾ مستقل محنت، مضبوط ارادي ۽ واضح قيادت جو اهم ڪردار رهيو.
هن سڄي ڪاميابي جو مڪمل سهرو صرف ۽ صرف سنجي مالهي کي وڃي ٿو، جنهن هر چيلنج کي همت ۽ ذميواري سان منهن ڏنو. هن هميشه شفافيت، انصاف ۽ ڪميونٽي جي ڀلائي کي اوليت ڏني، ۽ هر قدم تي صحيح فيصلن سان اڳتي وڌيو.
ٽي سال اڳ هن طرفان مالهي ڪميونٽي لاءِ رکيل بنياد اڄ هڪ مضبوط ۽ وڌندڙ تحريڪ بڻجي چڪو آهي، جيڪو هر ڏينهن وڌيڪ منظم، وڌيڪ متاثر ڪندڙ ۽ وڌيڪ مقبول ٿي رهيو آهي. هن قدم سبب ڪميونٽي ۾ راندين لاءِ نئون جوش ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي.
ٽيم مالهي ميورڪس سامارو روڊ سنجي مالهي جي هن قيمتي خدمتن، قربانين ۽ ڪميونٽي لاءِ ڪيل ڪوششن کي دل سان سلام پيش ڪري ٿي. سندس خدمتون هميشه مالهي ڪميونٽي جي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ ياد ڪيون وينديون.
ساڳي وقت اسان MPL سيزن 3 جي مئنيجمينٽ جا به دل سان ٿورائتا آهيون جن هن شاندار ايونٽ کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو.
ڪجھ نيڪ تمنائون ادا سنجي مالهي ۽ ٽيم لاء
ٽيم ملهي ميورڪس – سامارو روڊ
ڪپتان: Mukesh Kumar
اونر: Mahesh Kumar Malhi
وائيس ڪپتان: Chander Raaj
طرفان