30/10/2024
اوهان آيا، ختم ٿي ويا،
زمانا رات ڪاريءَ جا،
ٻري ڏيئا سوين پيا ڄڻ،
اسان جي گهر ڏياريءَ جا،
دليون دلدل منجهان نڪتيون،
چپن تي چاندنيون چمڪيون،
زمينن تان کڻايا ويا،
وڇاڻا اشڪ باريءَ جا،
هيون موجن مٿي موجون،
درياءِ عشق دلبر جون،
وئي دل جي ٻڏي سھڻي،
لهي ويا ڏک ڏکاريءَ جا،
هئي بندش پياڪن تي،
وري ڪنھن ميڪدا کوليا،
شروع ٿي دور ويا ڪي ئي،
اسان تي مئہ خماري جا،
چون ٿا ڪو هيو سرمد،
اسان جي شھر جي ڀر ۾!
کلي الزام کنيا سر تي
هزارين جنھن غداريءَ جا،
(جھانگير ڏاهري)