Raza Shar560

Raza Shar560 — *Cricket 🏏 Lover 🩶💫*
Please full Support My page

25/07/2026
Teem Karondi Cc 🏏Pacca Chang HeroesKashif SindhiKhaskheli Cricket ClubChiniot Cricket fansReyan Ali MiraniShahjahan Mir ...
25/07/2026

Teem Karondi Cc 🏏
Pacca Chang Heroes
Kashif Sindhi
Khaskheli Cricket Club
Chiniot Cricket fans
Reyan Ali Mirani
Shahjahan Mir jat Offical

هر لفظ ۾ درد، حق ۽ وفاداري آهي. خاص ڪري "ڊائري ۽ پيننَواري ڳالهه دل تي لڳي ٿيمحترم ايم پي اي صاحبڳوٺ حاجي الهوڌايو شر، ت...
10/07/2026

هر لفظ ۾ درد، حق ۽ وفاداري آهي. خاص ڪري "ڊائري ۽ پيننَواري ڳالهه دل تي لڳي ٿي
محترم ايم پي اي صاحب
ڳوٺ حاجي الهوڌايو شر، تعلقو فيض گنج لاءِ فوري پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بابت فريادي اپيل
جناب عالي
عرض آهي ته اسان جو ڳوٺ حاجي الهوڌايو شر هر بنيادي سهولت کان محروم آهي. پر هن جديد دور ۽ سخت گرمي جي موسم ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو نه هجڻ اسان لاءِ هڪ وڏو عذاب بڻجي ويو آهي.

جڏهن اسان پنهنجي معصوم ٻارڙن کي اسڪول کان واپسي تي يا ننڊ مان اٿڻ شرط هٿن ۾ پاڻي جون خالي بوتلون کڻي ويندي ڏسندا آهيون ته اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن.
اڄ به اليڪشن جو اهو دور ياد آهي، جڏهن توهان پاڻ پنهنجي هٿ ۾ ڊائري ۽ پين کڻي آيا هئائو ۽ چيو هئو ته "پنهنجا سڀ مسئلا نوٽ ڪرايو". اسان خوش ٿي ويا هئاسين ۽ پنهنجي ٻچڙن کي آسرا ڏيندا هئاسين ته هاڻي اسان کي پيئڻ جو مٺو پاڻي ملڻ وارو آهي. پر اڄ زميني حقيقتون ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ توهان جي ڊائري مان اسان جي ڳوٺ جو نالو ئي مٽجي ويو آهي!
اسان کي مڪمل يقين آهي ته توهان پنهنجي تڪ لاءِ اسڪيمون ڏئي رهيا آهيو، پر توهان جا اهي يو سي ليول جا نمائندا (چيئرمين ۽ جنرل سيڪريٽري) اسان جي ڳوٺ تائين حق پهچڻ ئي نٿا ڏين!
اهي يو سي وارا توهان کي پوري تسلي ڏئي ڪوڙيون رپورٽون پيش ڪن ٿا ته "اسان ديھ ننگر جي سڀني ڳوٺن ۾ ڪم ڪري ڇڏيا آهن" جڏهن ته زمين تي اسان وٽ ڪا به هڪ اسڪيم موجود ناهي. يو سي انتظاميا جي هن نااهلي ۽ من پسنديءَ جو نقصان اسان جو ڳوٺ ڀوڳي رهيو آهي.

سائين جن کي هٿ ٻڌي عرض آهي ته توهان پاڻ سوچيو، هن 40 کان 45 ڊگري گرمي ۾ 3 ڪلوميٽر پري کان اسان جا بزرگ، ۽ معصوم ٻارڙا ڪيڏي مشڪل سان پاڻي ڀري اچي پيئندا هوندا؟ توهان جا اهي ووٽر جيڪي هميشه پيپلز پارٽي (PPP) سان گڏ رهيا آهن، اڄ يو سي نمائندن جي غلط بياني جو شڪار آهن.

اسان توهان کان ٻي ڪا به وڏي سهولت نٿا گهرون، بس پنهنجي معصوم ٻارن جي بقا لاءِ پيئڻ جي واٽر سپلاءِ جو مٺو پاڻي گهرون ٿا.
اميد ته توهان يو سي ليول جي ڪارڪردگي جو پاڻ نوٽيس وٺي اسان کي هي جائز حق ڏياريندا.

العارض
ڳوٺ حاجي الله ودايو شر جا ووٽر ۽ رهواسي
تعلقو فيض گنج، ضلعو خيرپور ميرس

` `
Shaukat Rajpar Government NEWS

Address

Pacca Chang

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Raza Shar560 posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share