21/09/2025
ماروي اسٽيڊيم مٺي ۾ *امر شنڪر لال پارواڻي* جي نالي سان رکيل ٽورنامينٽ پنهنجي پڃاڻي تي پهتو،جنهن ۾ ٿرپارڪر جون 16 ٽيمون حصو ورتو، آئون سڀني ٽيمن جي ڪپتانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن اسان جي پياري دوست جي نالي ڪرايل ٽورنامينٽ ۾ ڀرپور تعاون ڪيو ۽ هن ٽورنامينٽ کي يادگار بڻائڻ لاءِ انتظاميه ڪميٽي جي هر فيصلي تي گڏ بيٺا رهيا.
ٻن ڏينهن تي مشتمل *امر شنڪر لال پارواڻي ٽورنامينٽ* جي فائنل ۾ پهتل ٻن ٽيمن، *لڪي اسٽار اسلام ڪوٽ* ۽ *ڌاراڻي لورس* جي وچ ۾ بهترين مقابلو ٿيو. جنهن ۾ *ڌاراڻي لورس* ٽورنامينٽ ۾ فتح حاصل ڪئي.
آئون انتهائي مشڪور آهيان، انهن پيارن جو جن هن ٽورنامينٽ کي يادگار بڻائڻ لاءِ *فنائنشنل سپورٽ* ڪئي، جنهن ۾ محترم *سجاد خميساڻي صاحب* ، *پرتاب راءِ ميگھواڙ صاحب* ، *حاڪم ڪيولاڻي صاحب* ۽ *ونود ڌاراڻي صاحب*. هُن سان گڏوگڏ آئون شڪر گذار آهيان آرگنائيز ڪميٽي ۾ ساٿ ڏيندڙ *استاد اڪرم لاهوتي*، *سائين اسلم بجير*, *روي شنڪر لوهاڻا*، *چمن چنداڻي* ، *نول راء ڪانهاڻي، گوتم ٻالاڻي، جهامن ٻالاڻي* ، *سائين شفقت شاھ*، *سائين اسلم ڪنڀار* ، *اشرف کوکر* ۽ ٻيا ڪرڪيٽر دوست جيڪو مون سان گڏ بيٺل رهيا.
*ڌاراڻي لورس* جي اونر *ونود ڌاراڻي* ۽ ڪپتان *عرفان کوسو* کي ٽورنامينٽ جي فائنل کٽڻ تي دل جي گهراين سان کوڙ ساريون مبارڪون.
لک لائق: امر شنڪر لال پارواڻي سنگت مٺي 🙏