09/01/2025
خوشخبري, خوشخبري,
ضلعي عمرڪوٽ جي ڳوٺ صاڀو فقير نزد ڍورونارو ۾ هڪ خيراتي ادارو ڪنگ عبدالله موبائيل ملٽي ڊائيگنوسٽڪ ڪلينڪ نالي سان ٽن مهينن لاء قائم ڪيو ويو آهي, جيڪو توهان جي في سبيب الله خدمت ڪري رهيو آهي,
اداري جي ڪلينڪ مئنيجر جيت سنگه سوڍو موجب هي ادارو پرائمري هيلٿ سميت ننڍي قسم جون مائنر سرجريون به ڪندو آهي, ۽ ساڻس مفت دوائون به مهيا ڪري ٿو, هن اداري ۾ آپريشن ٿيٽر, ليبارٽيز, الٽراسائونڊ, ايڪسري سميت ڪافي شين جي سهولت موجود آهي,
علائقي واسين کي ڄاڻ ڏيندي جيت سنگه سوڍو چيو ته سومر کان جمعي جي ڏينهن تائين صبح جو 9 وڳي کان شام پنج وڳي تائين مريضن جي چڪاس ڪرڻ سان گڏ فري دوائون پڻ ڏنيون وينديون آهي ۽ ننڍيون ننڍيون سرجريون پڻ ڪيون وينديون آهي,
هن چيو ته اهڙي مهانگائي جي دور ۾ علاج ڪرائڻ تمام ڏکيو ٿي پيو آهي, تنهن ڪري ڪنهن به مريض کي ڪا تڪليف هجي ته اهي اسان جي قائم ڪيل اداري ۾ چڪاس ڪرائڻ ضرور اچن,