Green Pe yaqeen

Green Pe yaqeen Every day latest Cricket Updates🏏

ملتان سلطانز ۽ حيدرآباد ڪنگزمين مان ڪھڙي ٽيم کٽيندي؟ان سوال جو جواب لاھور جي قذافي اسٽيڊيم جو ميدان ڏيندو. پاڻ فقط ٻنھي ...
29/04/2026

ملتان سلطانز ۽ حيدرآباد ڪنگزمين مان ڪھڙي ٽيم کٽيندي؟

ان سوال جو جواب لاھور جي قذافي اسٽيڊيم جو ميدان ڏيندو. پاڻ فقط ٻنھي ٽيمن جي ڪارڪردگي کي سامھون رکي تجزيو ڪري سگھون ٿا.

پي ايس ايل 2026 ۾ ملتان سلطانز 10 مان 6 ميچون کٽي ٽين پوزيشن ۽ حيدرآباد ڪنگزمين 10 مان 5 ميچون کٽي چوٿين پوزيشن تي آيون. رينڪنگ ۾ ملتان سلطانز ھڪڙي پوائنٽ اڳيان آھي. پر تازي فارم ۾ حيدرآباد ڪنگزمين جو پاسو ڳرو آھي. ان شروعاتي 4 ميچون ھارائي جيئن واپسي ڪئي ۽ گروپ اسٽيج جي آخري ميچ ۾جھڙي ريت پنڊيز خلاف راند ڏيکاري، ان آڌار چئي سگھجي ٿو تہ حيدرآباد ڪنگزمين اڄ شام جو وڌيڪ اعتماد سان ميدان ۾ لھندي.

ان اعتماد جو ھڪڙو سبب تہ اھو آھي تہ پنڊيز خلاف ٽيم بيحد ڀلي راند ڏيکاري. پر ان جو ٻيو سبب پڻ آھي. اھو ھي تہ ٻئي ٽيمون 22 اپريل تي ڪراچي ۾ ٽورنامينٽ جي ٽيٽيھين ميچ ۾ آمھون سامھون ٿيون ھيون جنھن ۾ ملتان سلطانز کي حيدرآباد ڪنگزمين چئن وڪيٽن تان مات ڏني ھئي. حيدرآباد ڪنگزمين 214 رنسن جو هدف سخت مقابلي کانپوءِ ماڻيو ھو.

ھن ٽورنامينٽ ۾ حيدرآباد ڪنگزمين پنھنجي آخري ميچ کٽي پر ملتان سلطانز کي اسلام آباد يونائيٽڊ ھٿان آخري ميچ ۾ چئن وڪيٽن تان شڪست ملي ھئي.

ٽورنامينٽ ۾ملتان سلطانز جو ڪامياب بيٽر اسٽيو سمٿ آھي جنھن 367 رنسون ٺاهيون آھن. جڏهن تہ حيدرآباد ڪنگزمين جو ڪپتان مارنس لابوشين 274 رنسن سان ٽيم جو ٽاپ اسڪورر آھي. محمد علي 13 وڪيٽن ۽ پيٽر سڊل بہ 13 وڪيٽن سان ٽيمن جا ڪامياب بالرز آھن. ملتان سلطانز 10 ميچن ۾ 1871 رنسون ٺاهيون ۽ 1894 رنسون ڏنيون. جڏھن تہ حيدرآباد ڪنگزمين 1641 رنسون ٺاهيون ۽ ھن خلاف 1640 رنسون ڪيون ويون. حيدرآباد ڪنگزمين جي بالرن 70 وڪيٽون ورتيون، جڏھن تہ ملتان سلطانز جا بالرز صرف 54 وڪيٽون وٺي چڪا آهن. ملتان سلطانز جو ھڪ اننگز ۾وڌ کان وڌ اسڪور 227 ۽ حيدرآباد ڪنگزمين جو 244 رھيو.

ھن جائزي منجھان اھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ موجوده فارم جي حساب سان حيدرآباد ڪنگزمين جي ٽيم اعتماد سان ميدان ۾ لھندي پر ڪرڪيٽ عجب راند آهي جنهن ۾ ڪو بہ حتمي نتيجو نٿو ڪڍي سگھجي. ان جو بھترين نمونو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ان وقت ڏسڻ لاءِ مليو، جڏهن زمبابوي جي ٽيم فيورٽ آسٽريليا کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري واپس ملڪ روانو ڪيو ھو.

ان تي ٽريوس ھيڊ ورلڊ ڪپ ھلندي سندس گھر جي باغيچي ۾ ڪينگرو سان پنھنجي ھڪ تصوير ڪڍي سوشل م

19/04/2026

هن دوست کي پنڊيءَ 8 ڪروڙن ۾ خريديو. ڪارڪردگي ڏسوس.

مچل جي اهڙي خراب ڪارڪردگي مون ڪڏهن ناهي ڏٺي.

ڊيرل مچل
پي ايس ايل 2026ع
ڪارڪردگي

28 مارچ: پشاور زلمي خلاف:
23 رنسون

2 اپريل: ڪراچي ڪنگز خلاف:
65 رنسون 3 وڪيٽون

4 اپريل: اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف:
19 رنسون

6 اپريل: ملتان سلطانز خلاف:
17 رنسون

10 اپريل: ڪوئيٽا گليڊي ايٽرس خلاف:
30 رنسون

16 اپريل: حيدرآباد ڪنگزمين خلاف:
0 (آنو).

18 اپريل: لاهور قلندرس خلاف:
11 رنسون

ڪل رنسون: 165 - وڪيٽون: 3
ميچون: 7 ۽ 7 اننگون

رڳو هڪڙي ميچ سٺي کيڏيو آهي. 🤔




18/04/2026

Pakistan announced the test squad against Bangladesh for two matches series held on 8 may, don't forget Ban beat Pak last time

17/03/2026

Hyderabad Kingsmen have officially announced Marnus Labuschagne as their captain for HBL PSL 11. 🏏👑

​🎟️ Get your tickets now: pcb.tcs.com.pk

​ |

Tanveer Ahmed on Babar Azam 🤯
17/03/2026

Tanveer Ahmed on Babar Azam 🤯

17/03/2026

Big Show on 26th February
Hyderabad vs Lahore
Pakistan super league first match

17/03/2026

For the early updates of Cricket follow my Page 💯 🇵🇰

Address

Khairpur Mirs

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Green Pe yaqeen posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share