12/07/2021
سنڌ جي قومي, ثقافتي, قديمي ملھ راند ۽ ملھ پهلوانن سان ايتري نا انصافي ۽ ظلم آخر ڇو ۽ ڪيسيتائين رهندو....
ملھ راند سنڌ جو قومي اثاثو ۽ قومي راند آهي اسين منسٽر اسپورٽس ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ, سيڪريٽري اسپورٽس ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ, ڊائريڪٽر اسپورٽس ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ کان اهو سوال ڪيون ٿا ته ملھ راند سنڌ جي قومي راند آهي ۽ قومي راند جو هر صوبي ۾ هڪ وڏو مان مرتبو هوندو آهي هن راند کي بلڪل نظر انداز آخر ڇو ڪيو ويو آهي, هن قومي راند ملھ جي لاء پراپر سرڪاري بجيٽ مقرر آهي ملھ وڙھندڙ ملھ پهلوانن جي لاء تعلقي ليول يا ضلعي ليول تي سموري سنڌ ۾ ڪوبه ملاکڙو نه پيو ٿئي سواء ڪراچي جي,, آخر ملھ پهلوان پنهنجو پيٽ گذر ڪيئن ۽ ڪٿان ڪن,,,پهلوانن جي سهائتا لاء نه ڪا سرڪاري نوڪري آهي نه ڪو وظيفو , نه ڪا علاج جي سهولت,,, ملھ پهلوانن کي ملھ وڙھڻ دوران خطرناڪ ڌڪ لڳن ٿا جن ۾ کين دماغي ڌڪ,, ٽنگون ۽ ٻانهون ڀڄي پون ٿيون جنهن جي لاء هنگامي طور ڪوبه فنڊ مقرر ناهي ,, نه ڪنهن ملھ ايسوسيئيشن جي صدر يا سيڪريٽري وٽ ڪو هنگامي فنڊ رکيو ويو آهي نه ڪنهن اسپورٽس آفيسر طرفان ڪو ايهڙو انتظام ٿئي ٿو, ملھ راند جا ضلعي ۽ ڊويزنل ليول تي ڪوچ مقرر آهن جن جو اسپورٽس ڊپارٽمينٽ طرفان وظيفو هن انتهائي مهانگائي جي دور ۾ فقط 10 هزار رپيا مقرر آهي جڏهن ته وزير اعظم پاڪستان جو حڪم آهي ته مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 20 هزار مقرر ڪئي وئي آهي,, سنڌ ۾ هن وقت جيڪي به ڀلا پهلوان ملھ وڙھن پيا ۽ ثقافت جو نالو روشن ڪن پياانهن جي ڪابه سار اسپورٽس يا ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان نه پئي لڌي وڃي,,,, يا پنهنجي وقت جا رستم سنڌ گولڊ ميڊلسٽ پهلوان جيڪي هن وقت هن دنيا مان گذاري ويا آهن جن ۾ ,, شير مير بحر , شهيد پهلوان غلام سرور جتوئي,,, شهيد علي مردان شر, سيد شمن شاھ,,, ۽ ٻيا ڪيترائي پهلوان, انهن جي ياد ۾ سالانا طور ڪوبه سرڪاري طور ملاکڙو اسپورٽس يا ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان نه پيو ٿئي نه انهن جي پويان وارثن جي ڪا سهائتا ٿي,,,, کوڙ سارا ملھ پهلوان آهن جيڪي پنهنجي وقت جا قنڌار پهلوان ٿي گذريا آهن ليڪن هن وقت تمام غريبي ۽ بدحالي جي زندگي گذاري رهيا آهن انهن جي لاء نه ڪو سرڪاري وظيفو مقرر آهي نه ڪو سرڪاري فنڊ ,,,
سنڌ جي قومي راند ملھ جي لاء تعلقي ليول, ضلعي ,,ڊويزنل ليول تي ڪوبه ملاکڙا گرائونڊ ڪونهي نه ڪا آفيس,,, اهو ته ٺهيو پر ڪراچي سنڌ جو ڪيپيٽل سٽي آهي اتي به سنڌ جي قومي ثقافتي قديمي ملھ راند لاء نه ڪو اسٽيڊيم نه ڪا ملهن لاء هاسٽل آهي,
,
اسين منسٽر اسپورٽس ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ, سيڪريٽري اسپورٽس ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ, ڊائريڪٽر اسپورٽس ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ کي مودبانه اپيل ٿا ڪيون ته خدارا سنڌ جي قومي راند ملھ ملاکڙا تي نظر ثاني ڪيو ملھ پهلوانن جي جائز مسئلن کي حل ڪيو جيئن ملھ پهلوان ۾ ملھ راند شوق وڌي ۽ سنڌ جي قومي, ثقافتي ۽ قديمي راند ملھ ملاکڙا جو وجود ختم ٿيڻ کان بچي سگهي.....!!!
Copied
دوستو هن پوسٽ کي اڳتي شيئر ڪيو