11/10/2026
السلام عليڪم، معزز سيڪيورٽي انچارج صاحب!
شاهه لطيف ڪرڪيٽ گرائونڊ، زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊوڄام، صحت مند سرگرمين ۽ نوجوانن لاءِ هڪ بهترين جڳهه آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪجهه ماڻهو رات جي وقت شراب نوشي ڪري خالي بوتلون ۽ شيشا ٽوڙي گرائونڊ ۾ ڇڏي وڃن ٿا، جنهن سبب صبح جو واڪ ڪندڙن ۽ رانديگرن کي تڪليف ۽ نقصان جو خطرو رهي ٿو.
اوهان کي ادب سان گذارش آهي ته مهرباني ڪري اهڙين سرگرمين تي ضابطو آڻي، گرائونڊ جي صفائي ۽ حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.
گرائونڊ صحت ۽ راندين لاءِ آهي، شراب نوشي ۽ شيشا ٽوڙڻ لاءِ نه.
اوهان جي تعاون جا ٿورائتا رهنداسين. مهرباني.